تير

تير

تير 2

تير، چُوڙيل، سيگهي، سرنگهه، تانگهه: هيءَ بلا، جوڳين چواڻي: گهوڙيال وانگر تمام سنهي، رنگ ۾ کپر لُنڊيءَ جهڙي ٿئي ٿي. ۽ ان جو پڇ ۽ منڍي سنهي هوندي آهي. ويهڻ وقت پاڻ کي بال وانگر ويڙهي ڇڏيندي آهي. چُوڙيل بلا ماڻهن کي ڏسي لڪڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. وڻن ۽ ٻوڙن تي چڙهي ويندي آهي ۽ سنها جيت ۽ ماڪوڙا کائيندي آهي. وڙهڻ سندس عادت ۾ نه آهي، پر اوچتو جهٽ هڻي ڪڍندي آهي. آنن بدران ٻچا ڄڻيندي آهي. هن بلا ۾ به گهوڙيال وانگر زهر گهٽ ٿيندو آهي. پر ان جو چڪ تمام ساڙيندڙ ٿيندو آهي ۽ کاڌل شخص جو زخم ککر جي ڏنگ وانگر سڄي پوندو آهي. ماڻهوءَ جي دل مضبوط هوندي ته اهو ڪونه مرندو. جوڳين جي حساب ۾ چُوڙيل جو زهر چوٿين درجي جو (نه هئڻ برابر) آهي. اصل ۾، اهي سڀ نشانيون Psammophis lineolatus بلا سان ٺهڪن ٿيون، جيڪا غير زهريلي بلا آهي.

هن بلا جي ڊيگهه 0.60 ميٽر کان 0.75 ميٽر ٿئي ٿي، هن جو پڇ 160 کان 190 ملي ميٽر هوندو آهي. ڏسڻ ۾ گهوڙيال سان مشابهه آهي. هن جي رنگت ميٽائين ڀُوري ٿئي ٿي، اک وٽان هڪ ڪاري ليڪ جسم جي پوري ڊيگهه سان آخر تائين هلي وڃي ٿي، جسم جو وچ وارو حصو ڀورو ٿيندو آهي، اڪثر ڇلرن کي ڪارو گهيرو هوندو آهي. ان ۾ ڪي ٻيون به اڇيون ڪاريون ليڪون ٿين ٿيون، جن ۾ ڀرت جهڙن چٽن جي ترتيب آهي. پيٽ، وچ ۾ نارنگي پيلو ٿئي ٿو، جنهن تي ڪارا چٽ هوندا آهن. پنهنجي جنس جي ٻين بلائن وانگر ڏينهن جو سرگرم هوندي آهي. صحرائي علائقن ۾ جتي گاهه ٻوڙا هجن، اتي ملندي آهي. سنڌ ۾ عام ڪا نه آهي ، البت ڪوئٽا بلوچستان طرف ٿئي ٿي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو


بلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تير 2
بلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون